اسلام آباد – 19 مئي (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا عالمي معيار جي خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ ايئرپورٽس ج?? انتظام نجي شعبي ۾ ڏيڻ جي حوالي سان هوابازي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ ٽيلي ميٽري نظ??م جوڙيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.