اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي لاءِ فيڊريشن سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، سڪوڪ بانڊز تي عالمي برادري ۽ سيڙپڪارن جو مثبت ردعمل موجوده حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ايندڙ و??ت جي لاءِ مڪمل منصوبابندي ڪ??ي رهيا آهيون ته جيئن حالتن جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ عوام کي رليف ڏئي سگهجي، عوام عيد وارن ڏينهن دوران حفاظتي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ س??ن ملاقات دوران ڪيو.