اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورون?? وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورون?? وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جو?? جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب ج??ڪڏهن اه?? ئي صورتحال رهي ته جو?? جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ??هڙ?? صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدم?? جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙ?? جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي ??هڙ?? ماڻه?? جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.