لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ڏک?? پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏک?? پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏک?? پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏک?? پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل ج?? شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزي??اع??م جا ٿورائتا آهن. ڏک?? پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏک?? پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.