ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف ا??ڪا??وٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ا??ڪا??وٽس ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽ??ڪن??لاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، اسڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، ا??ڪا??وٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ ا??ڪا??وٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، ا??ڪا??وٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئ?? وڃي، ا??ڪا??وٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بواءِ ا??ڪا??وٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پ??ڪستان بواءِ ا??ڪا??وٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.