اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي ن??ر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي ن??ر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي وا??ي پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وا???? وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وا???? وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وا???? وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.