نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته اسلاموفوبي?? سميت نسل پرستي جي سڀني حاضر دور جي قسمن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالم?? اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پرستي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير ??يو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي پرستي جي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن ??يو ته نسل پرستي اسان جي گڏيل انسانيت جي نفي آهي، پرڏيهي وزير ??يو ته نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پرتشدد قومپرستي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن ??يو ته ??يو نازي ازم ۽ ٻين پرتشدد قومپرست گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل پرستاڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي تجويزون پيش ڪندي ??يو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي عملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ڏيندڙ ٻين مظلوم نسلي ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقافت، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبي?? سميت نسل پرستي جي سڀني عصري قسمن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالم?? اتحاد بڻايو وڃي.