لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ا??ٽر??يٽ ۽ موبائيل سر??س جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن ا??ٽر??يٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ ا??ٽر??يٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن ا??ٽر??يٽ ۽ موبائيل سر??س بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام ا??ٽر??يٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذا??ش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري ا??ٽر??يٽ سر??س ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.