صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي ملاقات

image
APP37-231221 ISLAMABAD: December 23 - A delegation of Shura Council of the Kingdom of Saudi Arabia called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي قيادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبارڪباد ڏني، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي مبارڪباد ڏني.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج