شهباز شريف ۽ بلاول زرداري ايوان مان وري گم رهيا: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فنانس بل ۾ ترميم پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري ايوان مان اڄ وري گم رهيا، مخالف ڌر جو رويو غير جمهوري هو. فرخ حبيب قومي اسيمبلي مان فنانس بل جي منظوري کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ به مخالف ڌر جو رويو غير جمهوري هو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر ميمبر دليل سان ڳالهه ڪرڻ بدران بدتميزي جو طوفان مچائيندا رهيا، فرخ حبيب چيو ته قانونسازي روڪڻ جا دعويدار گم ٿي ويا.

مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا