گڏيل قومون-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن بابت فنڊ ڏيندڙ اداري يونيسيف تي زور ڀريو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ٻارن جي تعليم لاءِ عارضي ماڳن تي ٻيهر اسڪول کولڻ ۽ـ انهن کي اپ گريڊيشن ۾ مدد ڏي، جڏهن ته اداري جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان جي 8 ڪروڙ ٻارن جي بهتريءَ لاءِ 4 ساله ڪنٽري پروگرام تحت 900 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم بورڊ ميٽنگ دوران ٻُڌايو ته خوراڪ، علاج ۽ پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين کان بچاءُ، ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ ۽ کين غذائيت فراهم ڪرڻ لاءِ امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جو مظهر آهي، جنهن سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان لکين ٻارن کي پاڻي ۽ صفائيءَ سان گڏ تعليم، صحت جي سهولتن، خوراڪ ۽ پناهگاهن جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيسيف پاڪستان حڪومت سان ملي ڪري نه صرف هنگامي سامان فراهم ڪندو بلڪ لکين ٻارن جي بحاليءَ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻارن سميت ترقيءَ جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ ۾ چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا موسمياتي تبديلين جا خطرا، ٻوڏ، کاڌي ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي ٻارن جي غذائيت، صحت، تعليم ۽ ٻين ضرورتن جي هدفن جي حاصلات ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته نَون اسڪولن کولڻ، موجوده اسڪولن جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اِي لرننگ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن تعليم کان محروم تقريبن 2 ڪروڙ ٻارن کي اسڪول وڃڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان حوالي سان هن چيو ته يونيسيف کي حڪومت سان ملي ڪري ٻارن جي بهتر پرگهور لاءِ انهن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان ٻارن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي لاءِ يونيسيف سان تعاون ڪندو ته جيئن هو سلامتي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.